علمي دنيا

علمي دنيا (رسالو): هي سنڌي رسالو مولانا عبدالرزاق 1930ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ڪيو، جيڪو ماهوار شايع ٿيندو هو. هن رسالي ۾ مذهبي، علمي، ادبي ۽ تحقيقي موضوعن تي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا. وڏن ليکڪن سان گڏ نون لکندڙن کي هن رسالي ۾ موقعو مليو، جنهن سبب انهن جي لکڻ جي شوق ۾ واڌ آئي. مولانا عبدالرزاق ساڳئي سال هڪ ٻيو رسالو ‘ڪاميابي’ نالي سان ڪراچيءَ مان جاري ڪيو، جنهن سبب هي رسالو بند ٿي ويو.


لفظ علمي دنياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو